ميون شاهه عنات رضوي جي درگاهه

ميون شاهه عنات رضوي جي درگاهه

رضوي ميون شاهه عنات

رضوي، ميون شاهه عنات: ميون شاهه عنات رضوي، ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو بلند پايي جو شاعر ۽ درويش ٿي گذريو آهي. هو نصرپور ۾ رهندڙ رضوي ساداتن جي هڪ برک ۽ بيٺل قبيلي جو فرد هو، ۽ هڪ وڏي اهل عيال وارو هو. ڪافي وڏي عمر پاتائين ۽ پنهنجي اولاد توڙي معتقدن ۽ مريدن جي تربيت ڪيائين. سنڌ جي خصوصاً لاڙ ۽ ٿرپارڪر وارن ڀاڱن (حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن) سان سندس گهڻو واسطو رهيو ۽ عام توڙي خاص سندس برگزيده شخصيت ۽ دلپذير بيتن/ شاعريءَ کان گهڻي قدر متاثر ٿيا. ان کان سواءِ وقت جي ڪلهوڙن حڪمرانن، سندن نائبن توڙي وقت جي بيٺل ماڻهن وٽ پڻ هن درويش شاعر جي وڏي عزت هئي. سندس مشهور نانءَ نالي سببان سندس اولاد، وڏن جي موروثي نالي ’رضوي‘ جي بدران سندس ذاتي نالي پويان ’شاهه پوٽا‘ سڏجڻ لڳو، جن ۾ پڻ شاعر، درويش، نيڪ مرد، عالم ۽ بااثر زميندار پيدا ٿيا.
شاهه عنات رضويءَ جي درويشي ۽ شاعريءَ جون روايتون خاندان ۽ مريدن تائين محدود رهيون هيون، البت عوام ۾ ’شاهه عنات ۽ شاهه ڀٽائيءَ‘ جي چيل همخيال بيتن جون مقالون مشهور هيون، ان ڪري سنڌ، شاهه عنات جي نالي کان واقف هئي، پر سنڌيءَ جي هن عظيم الشان آڳاٽي شاعر جو اڄ سوڌو جوڳو قدر نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جو نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم هو، جنهن سڀ کان اڳ هن جليل القدر شاعر جي ڪلام کي وڏيءَ محنت سان سهيڙي، آڪٽوبر 1963ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
سوانح حيات: ميين شاهه عنات جو خاندان، سنڌ جي رضوي ساداتن سان تعلق رکي ٿو، جن ڇهين صدي هجريءَ ۾ اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هتي ٻن ٽن صدين بعد اتان هڪ شاخ لڏي اچي نصرپور کي وسايو، جنهن جي ’مبارڪ پوٽا‘ پاڙي مان شاهه عنات پيدا ٿيو.
شاهه عنات، سيد نصرالدين جو پٽ هو. سندس ولادت جو نالو ’سيد شاهه عنايت الله‘ هو، پر اڳتي هلي ’شاهه عنات‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪو نالو ’عنات‘ يا ’شاهه عنات‘ شاعريءَ ۾ ڪتب آندائين، ۽ کيس عزت ۽ احترام مان ’ميون شاهه عنات‘ سڏيو ويو. شاهه عنات جي ولادت، بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اندازو آهي ته 1035- 1030هه مطابق 1625- 1620ع ڌاري ٿي هوندي ۽ سندس تعليم ۽ تربيت بابت لکي ٿو ته، ”وقت جي دستور موجب شاهه عنات جو مڪتب ۾ ويهڻ ۽ ابتدائي تعليم پرائڻ قرين قياس نظر اچي ٿو، پر غالباً مدرسي جي اعليٰ تعليم حاصل ڪانه ڪيائين، پر نصرپور جي رضوي ساداتن ۾ فارسي تعليم عام هئي. شاهه عنات ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو مس هو، جو غالباً سندس والد شاه نصرالدين وفات ڪئي، جنهنڪري شاهه عنات جي سنڀال وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه ڪئي، پر خانداني روايتن مان گمان نڪري ٿو ته ميون شاهه عنات ننڍي هوندي قدري خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. کيس راڳ ٻڌڻ جو شوق هو ۽ هو آزاديءَ سان عام ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو هو. شروع ۾ وڏي ڀاءُ ان ڳالهه تان کيس منع ڪئي، پر آخر بيوس ٿي پاڻ پليائين. سندس مقامي لنگهن ۽ راڳين سان اچ وڃ هئي، جيڪا ڳالهه سندس ڀاءُ ۽ عزيزن کي پسند نه هئي. ان عرصي دوران شاهه عنات عام بيتن واري شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. غالباً جوانيءَ واري دور ۾ قدم رکندي ميين شاهه عنات پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، وڏي ڀاءُ جي محتاجي نه ڪڍي ۽ ذاتي طور ناتا وڌايا ۽ مريدي خادميءَ جو سلسلو ڌار قائم ڪيو. سندس ناناڻن (جيڪي دل ذات سان واسطو رکندا هئا) ۽ هاليپوٽن سندس هر طرح مدد ڪئي. انهن راڄن مان ئي ميين شاهه عنات شاديون ڪيون. هن جوانيءَ ۾ هاليپوٽن مان (طالب هاليپوٽي جي نياڻي بيبي ڌڃاڻيءَ ۽ اسمار هاليپوٽي جي نياڻيءَ بيبي صحت سان) ٻه شاديون ڪيون. ٽين شادي هن ناناڻي پاڙي (’رمضان دل‘) مان بيبي هميءَ سان ڪئي.
شاهه عنات جي والد جي گادي ۽ پڳ سندس وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه جي حوالي هئي، ان ڪري شاهه عنات کي پنهنجي جدا حويلي ۽ اوطاقن جو منڊل مچائڻو پيو.
ميين شاهه عنات کي اوائلي جوانيءَ کان وٺي ڀلن وهٽن جو شوق هو، ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيون ڌاريائين، جن جو نسل سندس اولاد وٽ پيڙهي به پيڙهي هلندو آيو. گهوڙن ۽ گهوڙين سان گڏ ميين شاه عنات وٽ ٻيو مال، مينهون ۽ ڏاچيون به گهڻيون هيون.
ميين شاهه عنات جوانيءَ واري دور ۾ شاديون ڪيون ۽ اولاد وارو ٿيو. پهرئين گهر مان کيس ٻه پٽ ٿيا. ساڻن سندس بي انتها محبت هئي. شاهه عنات جي آسپاس جي بيٺل ماڻهن، ڀاڳين ۽ راڄن سان ڏيٺ ويٺ وڌندي وئي ۽ موقعي به موقعي سندس چيل بيت عوام ۾ مشهور ٿيندا ويا. آخر جوانيءَ ۾، يا جوانيءَ جي موٽ بعد، ميين شاهه عنات جي بزرگن ۽ درويشن سان ويجهڙائپ وڌندي وئي ۽ سندس چاهيندڙن جو حلقو به وسيع ٿيندو ويو.
غالباً هن ئي دور ۾ ميين شاهه عنات، بزرگن ۽ درويشن جي ساراهه ۾ بيت چيا ۽ سندس حقيقي شاعري هن عرصي ۾ ئي شروع ٿي. شاهه عنات جي پنهنجي والد جي مسلڪ جي پيرويءَ ۾ قادري طريقي جي مرشد شاهه خيرالدين سان خاص عقيدت ۽ وڏن جي سهروردي طريقي موجب غوث بهاءُ الدين زڪريا ۽ شيخ رڪن الدين سان محبت هئي. ان ڪري سندن روضن جون زيارتون ڪيائين ۽ سرود ڌناسريءَ ۾ سندن عقيدت ۾ بيت چيائين:
روضو شاهه رُڪن جو، گوهر مٿس گل،
سماع جا سيد چئي، هاتڪ ڪرين هل . . .
-
غازي محمد غوث کي، اکيين لال مڻان،
پرڏيهان پنڌ ڪري، اچن گهوٽ گهڻان،
الله لڳ عنات چئي، تنهنجي واڳ وڻان،
کلئو خاڪ کڻان، روضي رڪن شاهه جي.
سرود ڌناسريءَ ۾ بادشاهه پير دستگير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي عقيدت ۾ پڻ شاهه عنات جا بيت ملن ٿا:
پلؤ تنهنجو پير، سهجان وٺتم شيخ جي!
لڳاسون لغام سين، دلئان دستگير،
اوسيئڙو امير، ميران لاهه مريد تان!
شاهه خيرالدين جي درگاهه تي ميون شاه عنات جوانيءَ کان پيريءَ تائين ويندو رهندو هو ۽ ان سان سندس ارادت هن جي آزاد طبع جي ساک ڀري ٿي ۽ اهو سنڌ ۾ تصوف جي سلسلي ۾ هڪ نمايان ۽ قدري اوائلي مثال آهي. ان کان سواءِ قلندر شهباز، مشائخ هوٿي، سيد علي شيرازي، شاهه اويس قرني، حيدر شاهه سنائي ۽ ٻين بزرگن سان پڻ شاهه عنات جي عقيدتمندي هئي. شاهه عنات، ڪلهوڙن حڪمرانن جو معترف هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي بابت سندس ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:
نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿيو فقير،
آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير،
-
خاصي خدا آباد منجهه، عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان تان طبل تنهنجو تجلو!
-
تون طرو طريلن جو، تنهنجي خانيءَ کاڌا کڳ،
يار محمد يار خدا جا، وهلا وارج وڳَ.
ميين شاهه عنات جي وفات، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾، 1130هه مطابق 1718ع ۾ ٿي. کيس پنهنجي والد جي ڀرسان، شيخ موسيٰ جي قبرستان (ٽنڊي الهيار کان پنج ميل اتر طرف موجوده ڳوٺ ڀورل شاهه لڳ) ۾ دفنايو ويو.
ميين شاهه عنات کي پنج فرزند: سيد عبدالمعالي، سائينڏنو شاهه، محمد شريف شاهه، مصري شاهه ۽ پير شاهه هئا، جن مان محمد شريف شاهه پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو.
ميين شاهه عنات جو ڪلام: ميين شاهه عنات جو ڪلام سندس زندگيءَ ۾ قلمبند نه ٿيو، بلڪ سندس وفات کان 100 سال پوءِ سندس تڙپوٽي اميد علي شاهه ولد قطب شاهه سهيڙايو. ان ابتدائي قلمي نسخي (جنهن ۾ شاهه عنات ۽ سندن پوين جو ڪلام شامل آهي) ۽ ٻين ذريعن مان هٿ آيل ڪلام کي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙي، ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ائين شاهه عنات جي ڪلام جي اشاعت، ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب ٿي آئي. سندس ڪلام سنڌي شاعريءَ جي مسلسل ارتقائي اوج ۽ عروج جو ساکي آهي، ۽ شاهه جي شعر جي تاريخي پسمنظر جو چٽو آئينو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته شاهه ڪريم وفات ڪئي (1030هه) ته ميون شاهه عنات ڄائو، ۽ ميين شاهه عنات وفات ڪئي (1130هه) ته ڀٽائي صاحب جوان ٿيو، سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾، ميون شاهه عنات ڄڻ شاهه ڪريم ۽ ڀٽائي صاحب جي وچ واري عرصي جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقدار توڙي اقدار جي لحاظ سان هو اُنهيءَ وچ واري دور جو نامور اڳواڻ ۽ علمبردار شاعر هو.“ . . . شاهه عنات، قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم کان پوءِ پهريون وڏو شاعر آهي، جنهن جا 469 بيت ۽ 32 وايون، سرودن (سُرن) وار ۽ ٻيا موقعي وار بيت حاصل ٿيا آهن.
ميين شاهه عنات کان اڳ مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان سنڌي شاعري ٻن نمونن جي ٿيندي هئي. هڪڙي چارڻن، ڀٽن، ڀانن ۽ سگهڙن جي شاعري، جنهن ۾ عوامي قصن ۽ داستانن، واقعن ۽ جنگين کي ڳايو ويندو هو ۽ ٻي شاعري عالمن، سالڪن ۽ صوفي شاعرن جي توحيد ۽ طريقت، اخلاقيات ۽ انساني قدرن جي پرچار واري هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”ميون شاهه عنات پهريون ممتاز شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ هن ٻه درياهيءَ جو پورو سنگم نظر اچي ٿو.“ ميين شاه عنات کان اڳ ڪن ٿورن شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ لاءِ عوامي عنوانن کي استعمال ڪيو هو، ۽ اها شروعات هئي، مثلاً: شاهه ڪريم ۽ ٻين شاعرن وٽ سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن: مورڙي ۽ مانگر مڇ، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان ۽ چنيسر، مومل ۽ راڻي، سهڻي ۽ ميهار، کاهوڙين وغيره جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر شاهه عنات پهريون شاعر آهي، جنهن انهن قصن سان گڏ ٻين مشهور سنڌي داستانن-
راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، نوري ۽ تماچي، کاري کيڙائن، جوڳين، سامين، پوربين، آتڻ ۽ ڪاپائتين، لاکي ۽ ريٻارين، ابڙي ۽ سامن، جکري وغيره جهڙن سخين کي به ڳايو آهي. ائين هن سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي شاهه لطيف همه گير ۽ عالمگير بنائي ڇڏيو.
ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جون ٽي هيئتون يا قالب: بيت، مولود ۽ وائي ملن ٿا. شاهه عنات کان اڳ جي شاعرن جي بيتن ۾ سنڌي دوهي کان وٺي بيت جي ارتقا جون صورتون ۽ بيان جي پختگي ته ملي ٿي، پر شاهه عنات جي بيتن ۾ پهريون ڀيرو لغت جي ڳوڙهائي ۽ بيان جي رنگيني به نظر اچي ٿي. مثال طور:
سائر لهريون، ريج وڻ، جِئن سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهون ڏيهه عظيم جو، پييم تان نه پرک،
تهان مٿي لک، ڀال ڀلي جا ڀانئيان!
-
سڻ ڏيو سر جهوپڙين، اڀي آجوهي،
اڱڻ منجهه عنات چئي، پئي پاٻوهي،
کِوڻي ٻانهون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي.
اهڙيءَ طرح سنڌي ’وائي‘ به شاهه عنات جي ڪلام ۾ هيئت، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان اوج تي نظر اچي ٿي. شاهه عنات جون 42 وايون، مولود، مدحيه، دعائيه، نصيحت، سر مارئي، سر ليلان، سر مومل راڻي، سُر سسئي، سر سورٺ، سر سارنگ، سر ڪاموڏ (گندري)، هنجن ۽ غنائي مضمونن تي مشتمل ملن ٿيون. اهڙيءَ طرح ’مولود‘ جو لفظ به پهريون ڀيرو شاهه عنات جي وائيءَ ۾ ڪم آيو آهي:
چئو صلواة صدق سين، ايءُ ’مولود‘ مدام‘.
شاهه عنات، راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو، ان ڪري هن پنهنجي ڪلام کي ’سرودن‘ ۾ ورهايو، جيڪا روايت اسان کي پوءِ جي ڪلاسيڪي شاعرن وٽ ملي ٿي. شاهه عنات جي ڪلام جا سرود، تسليم شده راڳن ۽ راڳڻين مطابق آهن. سندس راڳ جي ڄاڻ جو اندازو هيٺين سٽن مان ٿئي ٿو:
جاجڪ آهين ذات، ته ويلا لهه ’وهاڳ‘ جي!
-
چائين جان چارڻ، تان ويلا لهه ’وهاڳ‘ جي!
شاهه عنات، توحيد ۽ طريقت، سلوڪ ۽ نصيحت سان گڏ هر رنگ ۾ رڱيل شاعري ڪئي آهي. قصن ۽ داستانن کي دل کولي ڳايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي عنوانن کي وسعت ڏني آهي. شاهه عنات، پنهنجي طبعي ذوق سان شاعر ٿيو ۽ شاعريءَ مان پورو حظ حاصل ڪيائين. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سندس شاعريءَ جي ڏات، سندس عظمت، بزرگيءَ ۽ درويشيءَ جو باعث بڻي.
اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته عام سنڌي داستانن ۾ مشهور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل ۽ سُر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنوار ۽ سينگار ۾ شاهه عنات رضويءَ ۽ شاهه لطيف جو شرف سڀني کان مٿانهون آهي. شاهه عنات، شاهه لطيف جو وڏو معاصر هو. ٻنهي سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جي ارتقا ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ميين شاهه عنات قالب گهڙيا ته شاهه لطيف اُهي سوڌي سنواري ڀريا. شاهه عنات ديوارن جا بنياد رکيا ته شاهه لطيف انهن تي عمارتون کڙيون ڪري ڏيکاريون.
شاهه عنات ۽ شاهه ڀٽائي: ميين شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب جي ملاقاتن ۽ رس رهاڻين بابت ڪيئي حڪايتون ملن ٿيون. ڀٽائي صاحب اڃا ننڍو هو ته ميين شاهه عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو هو ۽ کيس ميين شاهه عنات لاءِ وڏي عزت هئي. چيو وڃي ٿو ته پنهنجي دور جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن هڪ ٻئي جي ڀران بيت به چيا هئا. مثال طور:
شاهه عنات:
پسي ڏونگر ڏار، جم هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
مجازاڻيون موٽيون، سُڻي پنڌ پچار،
پهرين پائج پرينءَ لئه، حقيقت جو هار،
سگهي لهندءِ سار، آرياڻي عنات چئي.
شاهه لطيف:
پسي ڏونگر ڏاهه، جِم هلڻ ۾ هيڻي وِهين،
لانچي لڪ لطيف چئي، پُٺيءَ ڪيچين ڪاهه،
پُڇي پورج سسئي، بلوچاڻي باهه،
اِن وڙائتي وَرَ جو، آسر هڏ مَ لاهه،
جو اکنئون اوڏو آهه، سو پرين پرانهون مَ چئو!
بهرحال، باوجود ننڍ وڏائيءَ جي، ٻنهي شاعرن هڪٻئي تي اثر ڇڏيا ۽ ٻنهيءَ جو شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ آهي ته ميون شاهه عنات، ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ ڄڻ ته اڳواڻ بنجي آيو ۽ اچي ميدان سنواريائين، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب پوءِ ڪونتل ڪُڏايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو